اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن. سينيٽ چيئرمين اهڙو اظهار سعودي عرب پاڪستان فرينڊ شپ گروپ جي سربراهه ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر عبدالرحمان بن سنهت الهربي جي سربراهي ۾ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو. ملاقات …
پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن: سينيٽ چيئرمين
اسلام آباد-25 جون (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل عقيدي، تاريخ، مذهبي ۽ ثقافتي هڪجهڙاين تي ٻڌل آهن. سينيٽ چيئرمين اهڙو اظهار سعودي عرب پاڪستان فرينڊ شپ گروپ جي سربراهه ميجر جنرل (ر) ڊاڪٽر عبدالرحمان بن سنهت الهربي جي سربراهي ۾ وفد سان پارليامينٽ هائوس ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ هن اسپيڪر ۽ وزيراعظم طور سعودي قيادت سان ٿيل اعليٰ سطحي ملاقاتن جو به ذڪر ڪيو ۽ انهن کي تاريخي قرار ڏنو. هن چيو ته اسان ولي عهد جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. سينيٽ چيئرمين گذريل سال سعودي عرب جو ڪامياب دورو ۽ بعد ۾ چيئرمين شوريٰ ڪائونسل جي پاڪستان جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن ٻنهي دورن پارلياماني سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ آف پاڪستان ۽ شوريٰ ڪائونسل وچ ۾ باقاعده ڳالهين کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن سعودي عرب ۾ رهندڙ 25 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو جيڪي نه رڳو سعودي معيشت جي ترقي ۾ مددگار آهن پر مٽاسٽا جي ناڻي ذريعي پاڪستاني معيشت جو به ٿنڀ آهن. سينيٽ چيئرمين پڄاڻي واري لفظن ۾ پاڪستان جي سعودي عرب سان ڀائراڻن لاڳاپن ۾ گهري وابستگي جو ورجاءُ ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستي کي هٿي ڏيڻ لاءِ قائم گروپ جي ڪوشش هڪ نئين دور جي آغاز جو سبب بڻجندي، جيڪي پائيدار، ترقي يافته ۽ مستقبل جي گهرجن سان هم آهنگ هجي. ان کان اڳ سعودي وفد جي سربراهه پارليامينٽ هائوس پهتو جتي سينيٽ چيئرمين سندس والهاڻو استقبال ڪيو. سعودي عرب جي سربراهه سينيٽ چيئرمين جو ٿورو مڃيندي چيو ته پاڪستان خطي جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ ٻئي ملڪ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گهڻ رخي تعاون کي نهايت اهميت ڏين ٿا. سينيٽ چيئرمين وفد جي مان ۾ آجياڻو پڻ ڏنو جنهن ۾ سينيٽ جي ميمبرن، قومي اسيمبلي ۽ پاڪستان سعودي عرف فرينڊشپ گروپ جي سربراهه عمر گورگيج ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. آجياڻي کي خطاب ڪندي سينيٽ چيئرمين پاڪستان سعودي عرب تاريخي لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته هي دورو ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن، اعتماد ۽ احترام جي جذبي تي ٻڌل آهن.












