راولپنڊي-22 مئي (اي پي پي) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي صدارت ۾ 270هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ڪالهه جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ٿي، جنهن ۾ فورم سلامتي کي درپيش اندرين ۽ ٻاهرين چئلينجز ۽ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. فورم معرڪه حق جي هڪ اهم ۽ فيصلائتي مرحلي آپريشن بُنيان مرصوص جي ڪاميابي پڄاڻي کي ساراهيو. ڪانفرنس ۾ آپريشن بُنيان مرصوص ۽ خضدار ضلعي ۾ دهشتگرد حملي جي شهيدن جي روحن کي ثواب پهچائڻ لاءِ فاتحه خواني به ڪرائي وئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته خضدار ۾ اها بربريت ڀارت جي پٺڀرائي سان هلندڙ پراڪسيز ذريعي ڪئي وئي، دهشتگردي جي نتيجي ۾ 4 معصوم ٻار ۽ 2 بي گناهه شهري شهيد ٿيا. فورم ان عزم کي ورجايو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو. پاڪستان جي عوام جو تحفظ هٿياربند فوج جي پهرين ترجيح رهندو. فيلڊ مارشل پاڪستان جي عوام جي پختي حمايت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جو عوام اسان جي طاقت جو سرچشمو آهي، پرڏيهي اڳرائي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف گڏيل جدوجهد ۾ عوام جي اعتماد تي پورو لهڻ لاءِ پرعزم آهيون. فورم جو چوڻ هو ته هٿين خالي شهرين ۽ معصوم ٻارن کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ انسانيت جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙو عمل عالمي قانونن جي سراسر ۽ مذمت جوڳي ڀڃڪڙي آهي. فورم سلامتي کي درپيش اندرين ۽ ٻاهرين چئلينجز ۽ مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو. فورم ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جاري منصفاڻي جدوجهد ۽ ڪشميرين جي سفارتي، سياسي ۽ اخلاقي حمايت جي پختي عزم کي ورجايو.