اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب عالمي بئنڪ جي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي معاشي رٿابندي جو مرڪزي جز آهي، ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي عملدرآمد لاءِ ناڻي واري وزارت لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن ۾ گڏيل سهڪار کي موثر بڻائي رهي آهي. هن اها ڳالهه عالمي بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. عالمي بئنڪ جي وفد جي اڳواڻي بئنڪ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر آپريشنز اينا بيئرڊي ڪري رهي هئي. ملاقات جو مقصد ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، عالمي بئنڪ جي مالي امداد جي منصوبن جو جائزو وٺڻ ۽ ويجهڙ ۾ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪيل 10 سالن واري ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ تي عملدرآمد ۾ تيزي آڻڻ هو. ڳالهين ۾ خاص طور تي سي پي ايف ۾ شامل ترجيحي شعبن خاص ڪري ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ آبادي جي نظم ۽ نسق جهڙن اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڌرين پاڪستان ۾ پائيدار ترقي ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ سي پي ايف جي اهميت ۽ ڪردار تي اتفاق ڪيو. اينا بيئرڊي مشڪل پر ضروري معاشي سڌارن کي تڪميل تائين پهچائڻ لاءِ پاڪستان حڪومت جي مسلسل عزم کي ساراهيو ۽ ماحولياتي تحفظ سميت پائيدار ترقي لاءِ حڪومتي ڪوششن جي ساراهه ڪئي. ناڻي واري وزير سي پي ايف جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي عزم کي ورجايو ۽ ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقي کي معاشي منصوبابندي جو مرڪزي جز قرار ڏنو. هن سي پي ايف تي عملدرآمد لاءِ ناڻي واري وزارت ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن سان گڏيل سهڪار کي موثر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ، ناڻي واري وزارت، موسمياتي تبديلي واري وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان سي پي ايف تي موثر عملدرآمد لاءِ جامع فريم ورڪ جي تياري ۽ سڄي عمل کي موثر ۽ جامع بڻائڻ لاءِ عالمي بئنڪ جي فني مدد جي درخواست ڪئي. اينا بيئرڊي ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ جي مقصدن جي حاصلات لاءِ پاڪستان کي عالمي بئنڪ جي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ معاشي سڌارن سان گڏوگڏ ٽيڪس نظام، توانائي ۽ سماجي تحفظ جي شعبن ۾ بئنڪ جي سهڪار ۽ حمايت کي ورجايو. هن پاڪستان جي انساني وسيلن کي مضبوط ڪرڻ ۽ معيشت کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ نياڻين جي تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي قدمن جي به حمايت ڪئي. ڌرين ان عزم جو اظهار ڪيو ته هو ايندڙ مهينن ۾ ڪنٽري پارٽنرشپ فريم ورڪ کي موثر انداز ۾ لاڳو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي پائيدار ترقي لاءِ مضبوط حصيداري تي ٻڌل ويجهو تعاون جاري رکندا.