واشنگٽن-22 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائن رياست آهي. پاڪستاني سفارتخاني طرفان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ ريجنل ڊائنامڪس ڪوويرنگ افغانستان جي موضوع تي ٿيل تقريب دوران چئي. تقريب ۾ ڏکڻ ايشيا جي اڀرندڙ جاگرافيائي سياسي منظرنامي ۽ ان جي وسيع تر اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ لاءِ واشنگٽن ايسوسيئيشن آف ملٽري اتاشيز (ڊبليو اي ايم اي ) جي ملٽري اتاشي، سفارتخاني جي عملدارن، علائقائي سلامتي جي تجرئيڪارن، افغانستان تي ڌيان رکندڙ اسڪالرز، سفارتڪارن، سيڪيورٽي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. پينل ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو اڳوڻو مستقل نمائندو منير اڪرم، پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ ۽ ڪليمسن يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ افغانستان جو ماهر ڊاڪٽر اميره جدون شامل هئا. پنهنجي رمارڪس ۾ پاڪستاني سفير ڏکڻ ايشيا ۾ پيچيده سيڪيورٽي ڊائنامڪس ۽ پاڪستان تي اثرن تي روشني وجهندي چيو ته پاڪستان نه رڳو ڏکڻ ايشيا پر وچ ايشيا جي وسيع خطي ۾ سلامتي جي صورتحال هٿان سڌي ريت متاثر آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي خطي کي نه رڳو مخصوص حالتن ۾ ڌيان جي ضرورت آهي پر اسان کي عالمي برادري جي مسلسل حمايت جي پڻ ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ فرنٽ لائن رياست آهي، ان سلسلي ۾ هن پاڪستان جي قربانين ۽ پختي عزم کي اجاگر ڪندي چيو ته اسان دهشتگردي خلاف عالمي جنگ ۾ مستقل بنيادن تي قربانيون ڏئي رهيا آهيون جن ۾ ٻار به شامل آهن. پاڪستاني سفير اقتصادي ترقي جي بنياد طور علائقائي امن جي اهميت تي به زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان جو وچ ايشيا ۽ يورپ سان اهم جاگرافيائي رابطو آهي ۽ امن ۽ استحڪام جي عدم موجودگي ۾ اسان جي اقتصادي صلاحيت کي عملي شڪل نٿي ڏئي سگهجي. پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي واضح طور ۽ ڄاڻي واڻي جيو اڪنامڪس تي منتقل ڪئي وئي آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اڳوڻي مستقل نمائندي منير اڪرم علائقائي انضمام ۽ ترقي لاءِ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري ويزن کي اجاگر ڪندي خطي جي سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ، هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته افغانستان ذريعي رابطا جا منصوبا ۽ انهن جي اقتصادي ترقي بهترين امن لاڀائتو هوندي جنهن کي اسان افغانستان ۾ صورتحال معمول تي آڻڻ ذريعي حاصل ڪري سگهون ٿا. هن خطي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) ۽ ان جي اتحادين جي وڌندڙ خطري کي به اجاگر ڪيو. هن نشاندهي ڪئي ته ٽي ٽي پي هڪ ڇٽي تنظيم طور اڀري رهي آهي جنهن سان افغانستان ۾ موجود ٻين مختلف دهشتگرد گروهن پنهنجي تحفظ لاءِ ان جي دائري ڪار ۾ شامل ٿي رهيا آهن. افغانستان مان دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ پاڻ افغانستان خطي ۽ عالمي برادري جي مفاد ۾ آهي. هن ڀارت کي لاڳاپا خراب ڪندڙ ملڪ طور بيان ڪندي چيو ته هو افغانستان ۾ حالتون معمول تي آڻڻ ۾ دلچسپي نٿو رکي ۽ يقينن پاڪستان ۾ به نه، ان کان اڳ سيشن ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي دفاعي اتاشي برگيڊيئر عرفان ملڪ خطي ۾ سيڪيورٽي جي اڀرندڙ صورتحال تي جامع بريفنگ ڏني.تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستاني سفير رضوان سعيد شيخ شرڪت ڪندڙن جو ٿورو مڃيو ۽ شرڪت ڪندڙن جي ساراهه ڪئي ته هن خيالن ۽ موقف جي مٽاسٽا کي لاڀائتو ۽ معلوماتي قرار ڏنو.