اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف توانائي جي شعبي ۾ سڌارن کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته گئس جي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارن سان گردشي قرضن جي ڪاٿي کي ترتيبوار گهٽ ڪري ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ گئس جي فراهمي ۽ کپت جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ملڪ ۾ گئس جي فراهمي ۽ کپت تي ڊگهي مدي وارو ٺوس منصوبو پيش ڪيو ويو. وزيراعظم کي گئس سيڪٽر جي مالي استحڪام، ڊگهي مدي واري منصوبابندي ۽ گورننس جي نظام جي بهتري تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گئس جي شعبي ۾ وڌيڪ سڌارن سان گردشي قرضن جي ڪاٿي کي ترتيبوار گهٽ ڪري ختم ڪيو وڃي، توانائي جي شعبي ۾ سڌارا حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم مقامي گئس جي پيداوار وڌائڻ ۽ نوان ذخيرا ڳولڻ جي لاءِ مختلف بلاڪس قائم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احد خان چيما، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، سردار اويس خان لغاري، وزيراعظم جي صلاحڪار محمد علي، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.