اسلام آباد – 22 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب جي گورنر سردار سليم حيدر خان ملاقات ڪئي جنهن ۾ پنجاب صوبي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پنجاب جي گورنر معرڪه حق دوران اهم فيصلن تي وزيراعظم جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آپريشن بُنيانِ مرصوص جي ڪاميابي تي وزيراعظم کي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، پبلڪ افيئرز يونٽ وارو وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال ۽ پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر ملڪ احمد خان پڻ موجود هئا.