ٽوڪيو _ 22 مئي (اي پي پي ) جاپان جي زراعت واري وزير ايتوتاڪو چانورن بابت تڪراري بيان ڏيڻ بعد پنهنجي عهدي تان استعفى ڏئي ڇڏي. اين ايڇ مطابق زراعت واري وزير ايتوتاڪو گذريل ڏينهن چانورن بابت هڪ بيان ڏنو جنهن تي تڪرار پيدا ٿي ويو، ان بعد وزيراعظم اشيبا شيگروڪو پنهنجو استعفى پيش ڪري ڇڏيو. ان کان اڳ ايتو گذريل ڏينهن چيو هو ته هن ڪڏهن به چانور ناهن خريد ڪيا ڇو ته هو پنهنجي حامين کان مفت حاصل ڪندو آهي ۽ هن وٽ ايترا چانور آهن ته هو انهن جو وڪرو ڪري سگهي ٿو. ان کان پوءَ هن پنهنجو بيان واپس وٺي ڇڏيو جيڪو هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو هو جڏهن جاپان ۾ ان بنيادي اناج جون قيمتون وڌي رهيون هيون. وزيراعظم اشيبا چيو ته زراعت واري وزير استعفى ڏيڻ جو فيصلو ان لاءِ ڪيو ته جيڪڏهن سندس بيان جي حوالي سان مونجهارو جاري رهيو ته ان سان زرعي پاليسين تي عمل درآمد متاثر ٿيندو، پر مان هن جو استعفى قبول ڪري ورتو آهي. وزيراعظم پارليامان کي ٻڌايو ته ايتو جو بيان انتهائي نامناسب هو ۽ هن ان تقرير ڪندڙ جي حيثيت سان عوام کان معافي گهري ورتي آهي.