بيجنگ – 22 مئي (اي پي پي) چين آمريڪا جي تجويز ڪيل جديد ميزائل دفاعي نظام گولڊن ڊوم تي شديد خدشن جو اظھار ڪندي ان کي عالمي استحڪام لاءِ خطرو قرار ڏنو آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيھي وزارت جي ترجمان آمريڪا کان مطالبو ڪيو آھي ته آمريڪا فوري طور ان منصوبي کي رد ڪري، ان منصوبي لاءِ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان شروعاتي طور 25 ارب ڊالر مختص ڪيا ويا آھن جيڪي عالمي توازن ۽ اسٽريٽيجڪ استحڪام کي نقصان پھچائڻ جو سبب بڻجندا. ھن ان اڳڀرائي تي گھري ڳڻتي جو اظھار ڪندي آمريڪا تي زور ڀريو آھي ته ھو عالمي ميزائل دفاعي نظام جي تياري ۽ ان جي مقراري کان پاسو ڪري. واضح رھي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وائيٽ ھائوس ۾ پنھنجي خطاب دوران جديد ميزائل دفاعي نظام گولڊن ڊوم منصوبي جو باقاعده اعلان ڪندي چيو ھو ته اھو سسٽم آمريڪا کي پرڏيھي حملن کان محفوظ رکڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي ۽ سندس صدارتي مدي جي ٻي عرصي جي پڄاڻي تائين اھو نظام ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. ھن چيو ته منصوبي جي ڪل لاڳت اٽڪل 175 ارب ڊالر ھوندي ۽ اھو مڪمل طور آمريڪا ۾ تيار ڪيو ويندو. ھن چيو ته ان منصوبي جو مقصد ڊگھي مفاصلي کان فائير ڪيل ميزائل حملن کي روکڻ ۽ بيليسٽڪ ميزائلن کان آمريڪي فضا جو دفاع ڪرڻ آھي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته گولڊن ڊوم خلا مان به فائير ڪيل حملن کي روڪڻ جي صلاحيت رکي ٿو.