بيجنگ _ 22 مئي (اي پي پي) يونان ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 6.5 رڪارڊ ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق جرمن ريسرچ سينٽر فارجيو سائنسز جي حوالي سان ٻڌايو ته خميس ڏينهن يونان ۾ 6.5 جي شدت جو زلزلو آيو جنهن جي اونهائي 102.8 ڪلو ميٽر زمين جي هيٺ هئي. فوري طورتي ڪنهن نقصان بابت اطلاع ناهي ملي سگهيو.