روم _ 22 مئي (اي پي پي ) ايڪواڊور جي سائيڪلسٽ رچرڊ ڪاراپاز گيروڊي اٽاليه سائيڪل ريس جو يارهون مرحلو کٽي ورتو آهي. 31 سالن جي رچرڊ ڪاراپاز جي اها گيروڊي اٽاليه ريس ۾ پهرين اسٽيج فتح آهي. البانيه کان گيروڊي اٽاليه جو 108 هون ايڊيشن شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ سائڪلنگ جي دنيا جا مشهور سائيڪل سوار ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن . 31 ورهين جي ايڪواڊور جي سائيڪلسٽ رچرڊ ڪاراپاز شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 186 ڪلو ميٽرن جو مفاصلو 4 ڪلاڪ 35 منٽن ۽ 20 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري يارنهين مرحلي جي پوزيشن حاصل ڪئي.