لاهور -21 مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جي سليڪشن ڪميٽي بنگلاديش خلاف ٽن ميچن تي ٻڌل هوم ٽي – ٽوئنٽي سيريز لاءِ 16 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو آهي . آل رائونڊر سلمان علي آغا کي ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته شاداب خان کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي. اها سيريز لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش خلاف ٽن ميچن جي هوم ٽي – ٽوئنٽي سيريز جي شيڊول جو اعلان ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ متوقع آهي. ٽيم جي چونڊ جاري پي ايس ايل 10 ۾ رانديگرن جي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪيو ويو آهي ، جيڪو 25 مئي تي ختم ٿي رهيو آهي . پي سي بي جي ترجمان مطابق چونڊيل 16 رڪني اسڪواڊ ۾ سلمان علي آغا (ڪپتان )، شاداب خان (نائب ڪپتان )، ابرار احمد، فهيم اشرف، فخر زمان، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، خوشدل شاهه، محمد حارث (وڪٽ ڪيپر )، محمد وسيم جونيئر، محمد عرفان خان، نسيم شاهه، صاحبزاده فرحان (وڪٽ ڪيپر ) ۽ صائم ايوب شامل آهن.