اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو ڏهون ايڊيشن پنهنجي آخري مرحلي ڏانهن وڌي رهيو آهي. پي ايس ايل ايليمنيٽر ميچ 22 مئي تي کيڏيو ويندو جنهن ۾ لاهور قلندرز ۽ ڪراچي ڪنگز قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ميچ رات جو 8 وڳي شروع ٿيندي ۽ فلڊ لائيٽس هيٺ کيڏيو ويندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) پاران منعقد ڪيل پي ايس ايل جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. پنهنجي بهترين ڪارڪردگي جي ڪري، ڪراچي ڪنگز پهرين مرحلي جي مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 12 پوائنٽن سان ٽئين نمبر تي جڏهن ته لاهور قلندرز 11 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي رهي . لاهور قلندرز جي ٽيم مشهور بالنگ آل رائونڊر شاهين شاهه آفريدي جي اڳواڻي ۾ ميدان ۾ لهندي. ٽيم ۾ عبدالله شفيق، آصف علي، فخر زمان، شڪيب الحسن، حارث رئوف، زمان خان ۽ سلمان مرزا جهڙا بهترين رانديگر شامل آهن. ڪراچي ڪنگز جي اڳواڻي آسٽريليا جو ليجنڊ اوپننگ بيٽسمين ڊيوڊ وارنر اڳواڻي ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ٽم سيلفرٽ، جيمس ونس، سعد بيگ، عرفان خان، خوشدل شاهه، محمد نبي، مير حمزه، حسن علي ۽ عامر جمال جهڙن رانديگرن جون خدمتون حاصل هونديون. پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جو فائنل 25 مئي تي لاهور ۾ کيڏيو ويندو.