اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ترڪيه جي پرڏيهي وزير حاقان فيدان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ترڪ پرڏيهي وزير کي خطي جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ ڀارت پاران مسجدن، رهائشي علائقن ۽ ٻين مذهبي جاين تي مسلسل غيرقانوني ۽ اشتعال انگيز حملن بابت آگاهه ڪيو جن جي نتيجي ۾ معصوم شهرين جون جانيون ضايع ٿيون آهن. نائب وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون تحت پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي دفاع جو حق حاصل آهي. ترڪ پرڏيهي وزير حاقان فيدان جاني نقصان تي افسوس جو اظهار ۽ پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو.