ڪراچي -09 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه باضابطه اعلان ڪيو آهي ته ڪراچي 6 کان 13 ڊسمبر 2025 تائين 35هين نيشنل گيمز جي ميزباني ڪندو. اهڙو اظهار هن پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن (پي او اي) جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات دوران ڪيو. وڏي وزير چيو ته هن ملاقات جو مقصد 35هين نيشنل گيمز 2025 جي تيارين کي حتمي شڪل ڏيڻ آهي. وڏي وزير ان موقعي کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي مڪمل تعاون جي يقين ڏياريندي چيو ته گيمز کي بين الاقوامي معيار موجب منعقد ڪيو ويندو. وڏي وزير ان موقعي تي هدايتون جاري ڪيون ته رانديگرن کي تربيت، طبي سهولتون، سفر جون سهولتون ۽ جديد انفراسٽرڪچر سميت سڀئي بنيادي سهولتن فراهم ڪيون وڃن. هڪ اهم اڳڀرائي طور وزيراعليٰ نئين سوئمنگ پول جي تعمير ۽ جديد اليڪٽرانڪ ٽائمنگ ۽ اسڪورنگ سسٽمز جي فراهمي جو اعلان ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن، حڪومت سنڌ ۽ سندھ اولمپڪ ايسوسيئيشن جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي پڻ صحيحون ڪيون ويون ته جيئن گيمز منعقد ڪرڻ لاءِ هڪ مربوط فريم ورڪ قائم ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته هي قدم رانديگرن جي فلاح ۽ بهبود ۽ ادارن جي هم آهنگي لاءِ هڪ سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن نوجوان ٽيلنٽ جي تربيت ۽ سڄي صوبي ۾ راندين کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڀريو. پي او اي جي صدر عارف سعيد وزيراعليٰ کي نيشنل گيمز بابت تاريخي بريفنگ ڏني ۽ انهن کي منعقد لاءِ حڪومت سنڌ جي عزم کي ساراهيو. هن چيو ته ايندڙ نيشنل گيمز ملڪ جي رانديگرن ۾ نئون جذبو پيدا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت ۽ پاڪستان اولمپڪ ايسوسيئيشن ٻنهي وعدو ڪيو ته رانديگرن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ ۽ 35هين نيشنل گيمز کي پاڪستان جي راندين جي تاريخ جو يادگار ايونٽ بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندا.پي او اي جي وفد جي قيادت صدر عارف سعيد ڪئي، جڏهن ته سينئر نائب صدر فاطمه لاهوري، سيڪريٽري جنرل خالد محمود ۽ سنڌ جو سيڪريٽري احمد علي راجپوت پڻ وفد ۾ شامل هئا.وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ۽ راندين وارو سيڪريٽري عليم لاشاري به موجود هئا. سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري نيشنل گيمز جي تيارين، لاجسٽڪس ۽ رٿابندي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني.