ڪراچي-08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ لياري جي 19 سالن جي باڪسنگ چيمپئن عاليا سومرو سان سي ايم هائوس ۾ ملاقات ڪري ان کي 10 لک روپيا نقد انعام ڏنو ۽ حڪومت طرفان هر ممڪن سهڪار جي آڇ ڪئي جنهن ۾ ضرورت پوڻ تي کيس پروفيشنل ڪوچ پڻ فراهم ڪيو ويندو. وڏي وزير جي ترجمان موجب وڏي وزير چيو ته عاليه سومرو تاريخ رقم ڪئي آهي. هو عالمي باڪسنگ ٽائٽل کٽي پاڪستان جي پهرين عورت بڻجي وئي آهي. هن وقت هو ٿائيلينڊ ۾ سکيا حاصل ڪري رهي آهي ۽ ٻن مهينن کانپوءِ دبئي ۾ هڪ ڀارتي باڪسر سان مقابلو ڪندي. وڏي وزير، عاليه جي هن ڪاميابي جي واکاڻ ڪئي ۽ ان کي ايشيئن گيمز جي تياري شروع ڪرڻ جي هدايت ڏني ۽ مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. هن چيو ته توهان محنت ڪيو سنڌ حڪومت توهان سان گڏ آهي. ملاقات وزيرِاعليٰ هائوس ۾ ٿي جنهن ۾ صوبائي وزير علي حسن زرداري، ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب، پرنسپل سيڪريٽري آغا وسيف ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن شازيه ڪريم ۽ محمد يوسف شرڪت ڪئي.