ميڊرڊ -05 مئي (اي پي پي) بيلاروس جي مشهور ٽينس اسٽار عالمي نمبر ون ۽ ايونٽ جي ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا ڊبليو ٽي اي ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ کٽي ورتو آهي ، 26 سالن جي بيلاروس جي ٽينس اسٽار آريانا سبالينڪا عورتن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو منيز سنگلز ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. ان ڪاميابي کان پوءِ ٽاپ سيڊڊ آريانا سبالينڪا جي ڊبليو ٽي اي ٽائيٽلز جو انگ 20 ٿي ويو آهي. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن جا دلچسپ مقابلا اسپين جي گادي واري شهر ميڊرڊ جي وينيو پارڪ منزاناريس ۾ جاري آهن. ٽينس جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهياآهن.اي