اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سانوڻي جي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪندي چيو آهي ته سمورا پاڪستاني ان مهم ۾ ڀرپور حصو وٺن، هر پاڪستاني گهٽ کان گهٽ هڪ وڻ پوکي، شهرن ۾ ڪا جڳهه خالي نظر نه اچي، پاڪستان ماحولياتي تحفظ ۽ گلوبل وارمنگ جا منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي قدمن ۾ ليڊ ڪري رهيو آهي. هو ايف – 9 پاڪ ۾ سانوڻي جي وڻڪاري مهم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، وفاقي وزير اسد عمر، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، پي ٽي آءِ اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد، وزيراعظم جو صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به موجود هئا. وزيراعظم چيو ته دنيا ۾ وڻن جي تعداد جي لحاظ کان پاڪستان ڪيترن ئي ملڪن کان پوئتي آهي. ڀارت به اسان کان وڻن جي تعداد ۾ اڳتي آهي، ماضي ۾ ڪنهن حڪومت ان طرف ڌيان نه ڏنو، ان جا ماحول تي شديد خطرا پوندا آهن. گلوبل وارمنگ عالمي سطح تي تمام وڏو اهم مسئلو بڻجي چڪو آهي، پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ، آلودگي کي گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ لاهور، پشاور ۽ ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ وڻڪاري بي حد ضروري آهي، ٻيلن جي ايراضي وڌائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته اڄ سانوڻي جي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪيو پيو وڃي، سمورا پاڪستاني ان ۾ شرڪت ڪن ۽ هر پاڪستاني جيڪڏهن گهٽ ۾ گهٽ وڻ به پوکي ته تمام وڏو انقلاب اچي سگهي ٿو، وزيراعظم ضلعي انتظاميه جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته گهرن، پارڪس سميت سمورين خالي جاين تي وڻ پوکين، شهرن ۾ ڪا به جاءِ وڻن کان خالي نه هجڻ گهرجي، وزيراعظم چيو ته اسان جو فرض آهي ته ايندڙ نسلن جي لاءِ سڄو ۽ بهتر ملڪ ڇڏي وڃون، اسان کي ورثي ۾ جيڪو ملڪ مليو اهو ماحول جي لحاظ کان بهتر هو، انگريزن به هتي وڻڪاري ڪئي هئي، هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت 10 ارب وڻ پوکڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي جنهن کي دنيا واکاڻي رهي آهي، پاڪستان گلوبل وارمنگ جي منفي اثر گهٽ ڪرڻ جي لحاظ کان دنيا جي قيادت ڪري رهيو آهي.