اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آزاد ڪشمير چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي شاندار ڪاميابي عام ماڻهن جو وزيراعظم عمران خان تي پختي اعتماد جو اظهار آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مخالف ڌر پنهنجي قيادت ۽ سياست ٻنهي تي نظرثاني ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته زرداري ۽ نواز شريف کي ماڻهو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، متبادل قيادت جو وقت آهي. (افغان قومي سلامتي جي مشير) حمد الله محب سان ملاقاتون ڪندڙن جو ڪو به مستقبل نه آهي.