اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته ڪارڪنن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين، واضح شڪست نظر اچڻ تي آزاد ڪشمير اليڪشن دوران مخالفن جي غنڊا گردي سان شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جي پونئيرن سان دلي تعزيت ڪريون ٿا. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته انهن ڪارڪنن جو رت رائيگان وڃڻ نه ڏينداسين ۽ ذميوارن کي سخت سزا ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف هر حد تائين ويندي، مقامي انتظاميا جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري. هن چيو ته نواز محب ملاقات ۾ طئي ٿيل پروگرام موجب مسلم ليگ (ن) ڌانڌلي جو گوڙ ڪندي. ان سان گڏوگڏ تشدد، فائرنگ ۽ وڳوڙن جي ڪوشش به ڪئي ويندي. مودي جي ايما تي اليڪشن جي ساک تي اعتراض ۽ سوال ڪيا ويندا ۽ افراتفري جي ڪوشش ٿيندي، پر انهن سڀني کي ناڪامي ٿيندي.