اسلام آباد – 19 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوڪاڙه ۾ معذور ننڍڙي ڄمار جي ٻارڙي سان زيادتي جي مبينا ڪوشش جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي پوليس کي فوري جاچ ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. سٽيزن پورٽل تي ٻارڙي جي والده شڪايت ڪئي هئي ته ڪيس جو جاچ آفيسر ڪارروائي ڪرڻ بدران کانئس رشوت ورتي. وزيراعظم واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي معاملي جي فوري جاچ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ ڊي پي او اوڪاڙه کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي جڏهن ته ڊي پي او اوڪاڙه لاڳاپيل جاچ آفيسر کي معطل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم عمران خان ڊي پي او اوڪاڙه کي جاچ بابت آگاهه رکڻ جي پڻ هدايتڪ ئي آهي.