APP49-190621 ANTALYA: June 19 - Foreign Minister Makhdoom Shah Mahmood Qureshi in a meeting with the Foreign Minister and Minister of State for Cabinet Affairs of Kuwait Sheikh Ahmed Nasser Al-Mohammed Al-Sabah on the sidelines of Antalya Diplomacy Forum. APP

اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي انطاليا سفارتي فورم جي موقعي تي ڪويت جي پنهنجي هم منصب شيخ ڊاڪٽر احمد ناصر المحمد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ ديرپا اسٽريٽجڪ شراڪتداري لاءِ جامع پلان جوڙڻ تي اتفاق ڪيو. پرڏيهي آفيس مطابق ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ڪويت سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو.