APP76-230221 COLOMBO: February 23 – Prime Minister Imran Khan and Sri Lankan Prime Minister Mahinda Rajapaksa witnessing signing of MoUs. APP

ڪولمبو – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي سريلنڪا جي دوري جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. سريلنڪا جي دوري جي پهرين ڏينهن پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان ۽ سريلنڪا جي وزيراعظم مهندرا راجا پاڪسي جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي سياحت، ماحوليات سميت ٻين شعبن ۾ تعاون جي لاءِ مفاهمت جي مختلف ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. پاڪستان پاران وزيراعظم جي ماحوليات واري صلاحڪار ملڪ امين اسلم، وزيراعظم جي اوورسيز پاڪستانين واري خاص معاون ذوالفقار علي بخاري ۽ ٻين صحيحون ڪيون. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس سريلنڪن هم منصب پڻ موجود هو.