واشنگٽن– 15 جون (اي پي پي) امريڪا ۾ ريپبليڪن پارٽي جي امڪاني صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ طرفان مسلمانن تي پابندي لڳائڻ جي بيان تي امريڪي صدر باراڪ اوباما رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي اهو امريڪا نه هوندو جيڪا اسان چاهيون ٿا. برطانوي نشرياتي اداري مطابق صدر اوباما ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي شديد رد عمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته امريڪي مسلمان سان متڀيد وارو سلوڪ ڪرڻ سان امريڪا نه رڳو عدم تحفظ جو شڪار ٿيندو پر ان سان اسلامي ملڪن ۽ اولهه وچ ۾ وڇوٽي پيدا ٿيندي