اسلام آباد -03 فيبروري (اي پي پي)پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير ڪنهن کي به ڪشميرين کان کسڻ نه ڏينداسين. هي مقصد ۽ جدوجهد منصفاڻي ۽ مقدس آهي ان تي ڪو به ٺاهه نٿو ڪري سگهجي. هندو پرست انتهاپسنداڻي سوچ نه رڳو ڪشميرين پر خود ڀارتي شهرين خاص طور تي مسلمانن لاءِ به سنگين خطرو آهي. انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي انتظام هيٺ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت جي قبضي هيٺ آيل ڄمون ڪشمير ۾ صورتحال 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرانساني ۽ هڪ طرفن قدمن بعد وڌيڪ بدتر ٿي چڪي آهي. 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀارتي فوج بيگناهه ڪشميرين تي بدترين بربريت ۽ ظلم ڪري رهي آهي. غيرقانوني طور تي ڄمون ڪشمير ۾ جعلي مقابلن، گهر گهر تلاشي ۽ ڇاپن جي آڙهه ۾ بيگناهه نوجوان ڪشميرين کي عدالت کان مٿانهون شهيد ڪرڻ سندس معمول بڻجي چڪو آهي. قابض ڀارتي فوج 5 آگسٽ 2019ع کان هاڻي تائين 300 کان وڌيڪ بيگناهه ڪشميرين کي شهيد ڪري چڪي آهي.