APP03-030221 ISLAMABAD: February 03 – Speaker National Assembly Asad Qaiser addressing the participants of National Conference on Kashmir organized by Jamaat-e-Islami. APP

اسلام آباد – 03 – فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهه انساني الميي جي صورت اختيار ڪري چڪا آهن، ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻ کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ امن قائم نه ٿو ٿي سگهي، گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. قومي ڪشمير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ڀارت ڪشميرين جا بنيادي حق غضب ڪيا آهن، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي فورم تي ڪشمير جي مسئلي تي ڀرپور طريقي سان اٿاريو آهي. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا کان اڳ ڪشمير جي مسئلي تي ٺوس پلان ٺاهيو ويو، ڪشميري عوام جو ڪيس سڄي دنيا جي پارليامينٽن ۾ اٿارينداسين، پنهنجا پارلياماني وفد ڪشمير مسئلي تي سڄي دنيا ۾ موڪلينداسين، عالمي سطح تي ڪشمير مسئلي تي اجلاس گهرائينداسين، ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي، ڪشمير جو مسئلو سياست کان مٿانهون آهي، اهو اسان جو قومي مسئلو آهي، ڪشميري عوام تي ڀارتي تشدد جي مذمت ڪريون ٿا، انساني حقن جي تنظيمن کي ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سخت پائمالين جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسان پنهنجي مظلوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون، انشاءَ الله ڪشميري عوام ڪاميابي سان همڪنار ٿيندي.