
حيدرآباد – 01 فيبروري (اي پي پي) سڄي ملڪ سميت حيدرآباد ۾ ڪورونا سبب 3 مهينن کان بند پيل تعليمي ادارا ٻيهر کلي ويا، تعليمي ۽ تحقيقي سرگرميون شروع ٿي ويون. پرائمري کان مڊل جا اسڪول به کُلي ويا جڏهن ته هائير ايجوڪيشن ۽ يونيورسٽيز ۾ به تدريسي عمل شروع ٿي ويو. تعليمي ادارن جي انتظاميا کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ڪرائڻ جِي هدايت ڪئي وئي آهي، اسڪولن جي مک گيٽن تي ٻارڙن جو ٽيمپريچر چيڪ ڪرڻ بعد کين ڪلاسز ۾ ڇڏيو ويو ۽ ماسڪ لازمي طور استعمال ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون.