اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي 31 جنوري جي ڊيڊ لائين گذري وئي، عوام جا ٿورا جنهن مخالف ڌر جي هر قول ۽ فعل کي رد ڪري چونڊيل جمهوري حڪومت جو ساٿ ڏنو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته استعيفيٰ ڏيڻ جي کوکلي ڌمڪي به آشڪار ٿي وئي آهي، قوم کي خبر پئجي وئي ته انهن جي ايجنڊا ذاتي مفاد ۽ اقتدار جي حوس آهي.