ڄامشورو – 31 جنوري (اي پي پي) سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پنھنجي ھڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي ته سنڌ يونيورسٽي جي بدين، ميرپورخاص، دادو، لاڙڪاڻو، ٺٽو ۽ نوشهروفيروز ڪئمپسز ۾ داخلائن لاءِ درخواستون جمع ڪرائيندڙ اميدوارن جي پھرين ميرٽ لسٽ جاري ڪئي وئي آھي، جنھن بعد شاگرد ھاڻي 3 فيبروري تائين پنھنجي داخلا في جمع ڪرائي سگھن ٿا.