اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اداڪار شان جي والده ۽ ناليواري اداڪاره نيلو جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته مرحومه فن جي دنيا جو هڪ وڏو نالو ۽ هڪ باصلاحيت اداڪاره هئي.