APP18-300121 KARACHI: January 30 - Opposition leader in Sindh Assembly Haleem Adil Sheikh addressing a press conference outside Sindh Assembly. APP photo by M Saeed Qureshi

ڪراچي -30 جنوري (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته پيپلزپارٽي سينيٽ اليڪشن ۾ هارس ٽريڊنگ ڪري راند کيڏڻ چاهي ٿي، سنڌ ۾ جهنگ جو قانون آهي، پيپلزپارٽِي سنڌ اسيمبلي کي پنهنجي ذات لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، اسين ائين هلڻ نه ڏينداسين، پنهنجن ماڻهن کي بچائڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ قانون سازي ڪئي وئي جن خلاف اسين عدالت سان رابطو ڪنداسين، سنڌ اسيمبلي پاڪستان جو پهريون ٺاهه پاس ڪندڙ اسيمبلي آهي جتي پيپلزپارٽي غلط قانون سازي ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي اڳواڻن صائمه نديم، اديبا حسن ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. حليم عادل شيخ چيو ته پيپلزپارٽي جو ميڊيا سيل حڪومت خلاف ناڪاري پروپيگنڊا پکيڙي عوام کي گمراهه ڪندو رهي ٿو، پيپلزپارٽِي سنڌ ۾ مهانگا صلاحڪار رکيا آهن جيڪي ڊس انفارميشن پکيڙيندا پيا اچن. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان سنڌ ۽ سنڌ جي عوام سان محبت ڪري ٿو. هن چيو هو ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هجڻ باوجود وفاق عوام جي ڀرپور مدد ڪئي ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي غريب عوام بدران اميرن کي سبسڊي ڏني آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪرپٽ بيوروڪريسي خلاف گذريل ڏينهن وزيراعظم کي خط لکيو آهي، 10 سالن کان وڌيڪ عرصي کان بدعنوان آفيسر پوسٽنگ تي آهي، سنڌ حڪومت ڪرپٽ آفيسرن جي سرپرستي ڪري ڪرپشن لاءِ استعمال ڪندي آهي.