سکر -30 جنوري (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر 2 ڏينهن جي دوري تي سکر پهچندو، هو جيڪب آباد ۽ شڪارپور پڻ ويندو. وفاقي وزير اسد عمر 31 جنوري (اڄ) شام جو ڇهين وڳي ٻن ڏينهن جي دوري تي سکر پهچندو. هو سکر ۾ پي ٽي آءِ جي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن جي اهم اڳواڻن سان ملاقاتون ڪندو. هو اڄ ئي جيڪب آباد ويندو جتي وفاقي وزير محمد ميان سومرو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو. جيڪب آباد ۾ پي ٽي آءِ جي ايم پي اي اسلم ابڙو سان پڻ ملاقات ڪندو جنهن بعد هو وري واپس سکر ايندو ۽ رات سکر ترسندو. شيڊول مطابق هو شڪارپور پڻ ويندو جتي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.