ڪراچي – 26 جنوري (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي نئين اڳواڻ حليم عادل شيخ گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر شميم نقوي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبر رابعه اظفر نظامي به موجود هئا. حليم عادل شيخ ان کان اڳ سنڌ اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف جو پارلياماني ليڊر هو.