APP72-220121 ISLAMABAD: January 22 – Prime Minister Imran Khan chairs meeting on Price Control. APP

اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايندڙ رمضان المبارڪ ۾ عوام کي بنا رنڊڪ جي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي فراهمي سستي اگهه تي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت سر قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ بنيادي ضروري شين خاص طور تي ڪڻڪ ۽ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، سينيٽر شبلي فراز، سيد علي حيدر زيدي، سيد فخر امام، علي امين گنڊاپور، صلاحڪار ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگارن محمد عثمان ڊار، ڊاڪٽر ثانيه نشتر، يوٽيلٽي اسٽورز جو ايم ڊي ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا.