APP75-28 LAHORE: October 28 – Prime Minister Imran Khan addressing during “Insaf Doctors Forum Convocation" to pay tribute to the health professionals at Aiwan-e-Iqbal. APP photo by Rana Imran

لاهور – 28 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمورا جيب ڪترا اسٽيج تي بيهي گوڙ ڪري رهيا آهن، سمورن چورن جو احتساب ٿيندو هاڻي انهن سان ڪنهن به صورت ۾ بليڪ ميل نه ٿينداسين، 30 سالن کان واريون وٺندڙ ڊنل آهن ڇو ته انهن کي هاڻي جيلن ۾ وڃڻو آهي، پهريون ڀيرو ملڪ ۾ ميرٽ تي احتساب ٿي رهيو آهي، ننڍي ننڍي مافيا تبديلي اچڻ نه پي ڏي، معمولي کنگهه تي لنڊن ويندڙن کي ڪهڙي خبر ته پاڪستان جي اسپتالن جو ڪهڙو حال آهي. هو ايوان اقبال لاهور ۾ انصاف ڊاڪٽرز فورم جي اهتمام هيٺ ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو.