APP03-11 KARACHI: September 11 -President Dr. Arif Alvi along with Governor Sindh Imran Ismail and Chief Minister Sindh Syed Murad Ali Shah talking to media after laying floral wreath on the grave of founder of Pakistan Quaid-e-Azam, Muhammad Ali Jinnah on his death anniversary. APP photo by Syed Abbas Mehdi

ڪراچي – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي تعاون سان ٽي سالن ۾ ڪراچي جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ڪراچي پيڪيج تي ڪنهن کي ڪو شڪ نه هجڻ گهرجي، جامع تعاون سان 1100 ارب روپين جي پيڪيج تي عملدرآمد سان صورتحال ۾ بهتري ايندي، الله جي رحمت ۽ قوم جي حيثيت سان ڪوششن جي ڪري ڪورونا وبا تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب رهياسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ورسي جي موقعي تي مزار قائد تي حاضري کانپوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ گورنر عمران اسماعيل سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.