APP51-07 ISLAMABAD: July 07 - President Dr. Arif Alvi being briefed by Chairman Pakistan Red Crescent Society, Abrar-ul-Haq about the role of PRCS against Covid-19, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هلال احمر سوسائٽي پاڪستان (پي آرسي ايس) کي هدايت ڪئي آهي ته ڪورونا سبب متاثر ماڻهن کي طبي سهولتن جي فراهمي جي لاءِ پنهنجي دائري ڪار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري. هن ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هلال احمر، صحت واري قومي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جي وچ ۾ رابطا موثر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، هن اهي هدايتون ايوان صدر ۾ هلال احمر سوسائٽي جي چيئرمين ابرار الحق سان ملاقات دوران ڏنيون.