APP45-02 ISLAMABAD: July 02 - Special Assistant to Prime Minister on Health, Dr. Zafar Mirza and Managing Director PBM, Aon Abbas Buppi inaugurating “Beneficiary Management System” for the medical assistance of poor patients on fast track in PIMS, Hospital. APP

اسلام آباد – 02 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا پمز ۾ بيت المال جي جديد سافٽ ويئر سسٽم جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان بيت المال ۽ صحت واري وزارت جي وڏن قدمن تحت مريضن ۽ ضرورتمند ماڻهن جي امداد کي شفاف ۽ تيز رفتار بڻائڻ لاءِ جديد سسٽم متعارف ڪرايو ويو آهي، پمز ۾ بيت المال ۽ صحت واري وزارت جي سهڪار سان شروع ڪيل منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو ته حڪومت واعدي موجب پوئتي پيل طبقن جي ڀلائي لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي اها ئي مديني جي رياست جي حقيقي شڪل آهي، جتي وسيلن جو رخ ضرورتمندن طرف موڙيو پيو وڃي، غريب ۽ ضرورتمند مريضن جي علاج لاءِ مالي امداد جي فراهمي کي جديد رخن تي هموار ڪيو پيو وڃي.