APP102-17 ISLAMABAD: February 17 – President Dr. Arif Alvi shaking hand with United National Secretary General Antonio Guterres at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي برادري کي خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وجهڻ گهرجي، گڏيل قومن جي مبصر گروپ، عالمي مبصرن ۽ ميڊيا کي والاريل ڪشمير تائين پهچ هجڻ گهرجي، مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد ضروري آهي. هن اها ڳالهه گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چئي.