APP76-12 ISLAMABAD: February 12 - Ahmet Kursad Ertin, General Manager Coca-Cola Icecek Pakistan along with Ambassador of Turkey to Pakistan H.E. Mustafa Yurdakul called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 12 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪوڪا ڪولا آئيسڪ پاڪستان جي جنرل مئنيجر احمد ڪرساد ملاقات ڪئي. پاڪستان ۾ ترڪيءَ جو سفير مصطفيٰ يرداڪل پڻ ساڻس گڏ هو جڏهن ته وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين سيد زبير حيدر گيلاني پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ ڪمپني جي ڪردار کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته حڪومت ڪوڪا ڪولا ڪمپني کي مڪمل تعاون ۽ سهولت فراهم ڪندي.