APP40-22 ISLAMABAD: October 22 - Dr. Zaheer ud Din Babar Awan called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اعواڻ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ملڪ جي سياسي صورتحال، قانوني ۽ آئيني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ جي مرڪزي ميڊيا ڊپارٽمينٽ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پرامن ۽ سياسي احتجاج سمورين پارٽين جو آئيني حق آهي.