APP43-22 ISLAMABAD: October 22 - Federal Minister for Law and Justice Farogh Naseem and Special Assistant to Prime Minister for Information & Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan briefs media persons about decisions taken in Federal Cabinet meeting at PID Media Center. APP photo by Saleem Rana

اسلام آباد – 22 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ميان محمد نواز شريف اسپتال منتقلي جي حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر جي ڳالهه به نه مڃي، هو اسپتال جي ٻاهر پارٽي ڪارڪنن جي گڏي ٿيڻ، ٽائر ساڙڻ سميت ٻيا لوازمات پورا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ٿيو، اها ڳالهه سمجهه کان مٿي آهي ته ڊينگي ٽيسٽ نيگيٽو اچڻ جي باوجود به ايتريون پليٽ ليٽس ڪيئن هيـٺ ڪري پيون. وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته گذريل رات 12 وڳي نواز شريف کي جڏهن اسپتال منتقل ڪئي پئي ويو ته ان جي مقابلي ۾ اها خبر هلي رهي آهي ته نواز شريف کي زهر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ان سان گڏ ئي اوچتو پارٽي جا ڪارڪن جهنڊن سان گڏ اسپتال ٻاهران پهچي وڃن ٿا ۽ ٽائرن کي باهه لڳائي احتجاج ڪن ٿا.