APP69-21 LAHORE: October 21- Special Assistant to PM on Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media persons during press conference. APP photo by Mustafa Lashari

لاهور – 21 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ عمران خان لازم ملزوم آهن، سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪندڙ ملڪ کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ چاهين ٿا، حڪومت سمجهي ٿي ته مخالف ڌر جي رهبر ڪميٽي کي پاڻ رهبري جي ضرورت آهي ۽ ان ڪميٽي ۾ ويٺل سياستدانن جون ڏوريون جيل ۾ ويٺل سزا يافته قيدي هلائي رهيا آهن. هو پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهي هئي.