APP77-08 ISLAMABAD: August 08 - Global Vice Chairman & CFO Procter & Gamble Jon R Moellor called on Prime Minister Imran Khan at PM Office. APP

اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيڙپڪارن کي ملڪ ۾ موجود سيڙپڪاري جي انتهائي سازگار ماحول مان فائدو کڻڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري جي لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، روانگي واپار جي فروغ لاءِ پاڪستان ۾ تيار ڪيل مصنوعات جي حوالي سان خصوصي رعايتون ڏنيون پيون وڃن. هن اها ڳالهه ناليواري آمريڪي ڪمپني پراڪٽر اينڊ گيمبل جي گلوبل وائيس چيئرمين ۽ چيف آپريٽنگ آفيسر جون مولر سان وزيراعظم آفيس ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي.