APP71-07 ISLAMABAD: August 07 - Prime Minister Imran Khan chairs meeting of the National Security Committee at PM Office. APP

اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ڀارت سان سفارتي لاڳاپن جي سطح ۾ گهٽتائي، ڀارت سان واپار کي معطل ڪرڻ ۽ معاملو گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ اٿارڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ڪميٽي بهادر ڪشميري عوام جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي کي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو، 15 آگسٽ کي ڀارتي آزادي جي ڏهاڙي کي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. وزيراعظم هٿياربند فوج کي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم آفيس ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيو.