اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا کي پاڪستان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهو قدم قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي جي روشني ۾ اسلام آباد ۾ مقرر ڀارتي هاءِ ڪمشنر اجي بساريا کي ملڪ ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي.