APP65-06 ISLAMABAD: August 06 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media along with Kashmiri Hurriyat Leader Yasin Malik's wife Mishal Malik. APP

اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي مڪروهه ڪاغذي ڪارروائي کي رد ڪري ٿو، وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جي حقيقي ترجماني ڪري انهن جي حقن جي علمبردار هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، مودي سرڪار والاريل واديءَ جي حيثيت تبديل ڪري ڪشميرين جي حقن تي ڌاڙو هنيو، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ ڪشميري ڀينرن ڀائرن جو ساٿ نه ڇڏيندو، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام جي آزادي تائين سک نه ويهندا، دنيا جي ڪا به طاقت ڪشمير ۽ پاڪستان کي جدا نه ٿي ڪري سگهي، ڀارت خطي ۾ امن خراب ڪرڻ چاهي ٿو، خطي جو ڪو به ملڪ ڀارتي جارحاڻن قدمن جي حمايت نه ٿو ڪري. هن اها ڳالهه ناليواري حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي گهرواريءَ مشعال ملڪ سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي چئي.