APP25-25 ISLAMABAD: July 25 – Head of the Islamic Supreme Council of Iraq, Shaikh Dr.Hamam Hamoudi calls on Speaker National Assembly Mr. Asad Qaiser at Parliament House on Thursday. APP

اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته علائقي ۾ امن جي قيام، علائقائي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي ته سمورن تڪرارن کي سفارتي سطح تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ڪشمير مسئلي جي حل جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته علائقائي سلامتي ۽ خطي ۾ امن جي قيام لاءِ ڪشمير مسئلي جو پائيدار حل وقت جي اهم ضرورت آهي ان کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عراق جي پارلياماني وفد جنهن جي سربراهي شيخ ڊاڪٽر حمام حمودي ڪري رهيو هو سان ٿيندڙ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.