APP31-07 SIALKOT: July 07 – Special Assistant to Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan addressing a press conference. APP photo by Munir Butt

سيالڪوٽ – 07 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪالهه هڪ وارداتي ٽولو پاناما ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ ميڊيا ۾ هڪ نئون بيانيو بيان ڪرڻ ۾ مصروف رهيو، پاناما ڪيس سان واڳيل هڪ اهڙو فيصلو جنهن کي سپريم ڪورٽ جا معزز جج ڏسي رهيا هئا، عدالت ۾ ان ڪيس جو ٽرائل ٿي رهيو هو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.