APP22-30 ISLAMABAD: June 30 – Special Assistant to the Prime Minister for Information and Broadcasting Dr. Firdous Ashiq Awan, Advisor to Prime Minister on Finance, Revenue and Economic Affairs Abdul Hafeez Sheikh, Minister of State for Revenue Muhammad Hammad Azhar and Chairman Federal Board of Revenue Syed Mohammad Shabbar Zaidi addressing a joint press conference. APP photo by Irshad Sheikh

اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته موجوده حڪومت ملڪي تاريخ جي پهرين عوامي ۽ فلاحي بجيٽ پيش ڪئي آهي جيڪا پاڪستان جي عوام جي فلاح ۽ ڀلائي ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي عڪاس آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه پارليامينٽ پهرين عوامي ۽ فلاحي بجيٽ جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ اقتصادي سڌارن جي هدفن کي به شامل ڪيو ويو آهي، بجيٽ جي منظوري کانپوءِ ان تي عملدرآمد جي لاءِ حڪومت جي اقتصادي ٽيم ۽ سمورا ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.