APP76-20 ISLAMABAD: June 20 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting regarding development projects and promotion of tourism in Azad Jammu & Kashmir. APP

اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته نيشنل ٽوئرازم ڪوآرڊينيشن بورڊ جي مشاورت سان آزاد ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ خاص طور تي ان شعبي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر جي حوصلا افزائي ۽ سيڙپڪارن لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙي وڃي، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو سڀ کان وڏو اثاثو آهن، انهن جي مسئلن جي حل خاص ڌيان ڏنو وڃي. هن اها هدايت آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف ترقياتي منصوبن، سياحت جي فروغ ۽ ٻين اهم معاملن تي اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.